SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اختياراتي ورڇ واري سگهه


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اختياراتي ورڇ واري سگهه

Structural Power

اسٽرڪچرل پاور

1994ع ۾ معاشيات ۽ سياسيات جي لاڳاپن تي تحقيق ڪندڙ سماجي سائنسدان اسٽرينج پنهنجي ڪتاب “رياستون ۽ منڊي” States and Market ۾ چار اهم نُڪتا بيان ڪيا، جن موجب اختيار جي ورهاست عمل ۾ اچي سگهي ٿي. 1. حفاظتي معاملن ۾ ڀروسو. 2. ڄاڻ. 3. پيداواري صلاحيت ۽ 4.سرمايو لڳائڻ جي سگهه، هي اهڙا عنصر آهن جن سان سڀ اختيار برابريءَ جي بنياد تي ورهائي سگهجن ٿا. اسٽرينج پنهنجي ڪتاب States and Market جي صفحي نمبر 25 ۾ لکي ٿي: ”اختيارن کي ڪنهن به ڪم جي تڪميل جي لاءِ، ملڪي ۽ غيرملڪي سطح تي هڪ مضبوط نظام جوڙڻ ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ فردن ۽ ادارن وچ ۾ اختيارن جي ورهاست لاءِ ڪم آڻجي ٿو.“ عالمي سياست ۾ اختيارن جي اهڙي ورهاست بين الاقوامي سياسي معيشيت جي دائري ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ڪئي. انهيءَ جو وڏو سبب گهڻ- قومي ڪمپنين جي دلچسپي هُئي، ڇاڪاڻ ته سندن لاءِ اختيارن جي ورهاست جي ان عمل کي سمجهڻ ضروري هو. ان کان علاوه جيڪي ملڪ سياسي ۽ معاشي حوالي سان مضبوط آهن، انهن جي اختيارن کي سمجهڻ لاءِ به اسٽرينج جي چئن عنصرن مطابق ورهائڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ”اسٽرينج“ جي مطابق ملڪن جي اختيارن جي ورهاست ڪجي ته بين الاقوامي سطح تي آمريڪا جو ئي غلبو رهندو. 1994ع کان 1996ع تائين اسٽرينج جيڪا تحقيق ڪئي (جيڪا The Retreat of the States نالي ڪتاب جي صورت ۾ سامهون آئي)، تنهن ۾ اهو واضح ڪيل آهي ته ”اسٽرڪچرل پاور“ وارو تصور ڪنهن به هڪ ملڪ جي غلبي لاءِ ٺاهيو ويو ڇاڪاڻ جو ”اسٽرڪچل پاور“ توڙي ”اسٽرڪچرلزم“ جا تصور رياستي مرڪزيت (State Centerism) واري پُراڻي خيال جي خلاف آهن. ڇاڪاڻ ته اختيار جيستائين ڪنهن به هڪ ملڪ يا اداري وٽ رهن ٿا، تيستائين هر ڪم جا نتيجا خاطر خواهه نه نڪري سگهندا آهن. باضابطا طور تي ورهايل اختيار معاشري جي ڀلائيءَ ۽ بهتري لاءِ ضروري هوندا آهن


Remember Me Also:

راهونڊ

اسم خاص. هالا شهر کان هڪ ميل اوڀر طرف هڪ تڪيو جتي مخدوم امين محمد پکا اڏي وڃي زهد ۽ عبادت ڪئي. انهيءَ تڪيي کي پکا به سڏيندا آهن.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal